SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Neo Colonialism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • neo
  • kəlouniəlizəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Neo Colonialism

نيوڪلونئلزم

جديد نوآبادياتي يا بيٺڪي نظام

جيتوڻيڪ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ پُراڻي بيٺڪي نظام جو سنئون سڌوخاتمو ته آيو، پر اڻ سڌي طريقي سان اُسريل ۽ شاهوڪار دُنيا جو غريب ۽ آزاد ٿيل نين رياستن مٿان تسلط برقرار رهيو. رياستي لاڳاپن جي انهيءَ سرشتي ۾ سگهاريون رياستون ڪمزرو رياستن جي وسيلن تي قبضو ڪري، سندن قسمت تي قابض ٿي وڃن ٿيون. جنهن سان ڪمزور رياستن جي ظاهري آزادي ۽ خودمختياري ته قائم رهي ٿي ، پر سندن آزاد فيصلن ڪرڻ جي قوت ۽ معاشي پاليسيون جوڙڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي. اهڙي غير مساوي، مت ڀيد تي ٻڌل ۽ ڄاڻي واڻي ٿيندڙ ڦرلٽ کي ” جديد نوآبادياتي نظام“ چيو وڃي ٿو. هن سرشتي ۾ پرڏيهي سيڙپ، فني مهارت ۽ ترتيب، فئڪٽرين ۾ تيار ٿيندڙ سامان ۽ منڊيءَ ۾ ڇانيل هڪ هٽيءَ جو فائدو وٺندي، اڳوڻيون بيٺڪي طاقتون فوج ڪشيءَ بنا ننڍن ۽ اُسرندڙ مُلڪن تي پنهنجون پاليسيون مڙهي ڇڏين ٿيون. هن پاليسيءَ تحت اُسرندڙ مُلڪن سان واسطيداري سندن ڀلائيءَ جي بُنيادن تي نه، پر سياسي نظريا مڙهي پنهنجا مُفاد حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ٿئي ٿي.


Remember Me Also:

پالٽو

ذ. [پرا. پلٽو؛ سن. پَريَستَ] لوهه جو هڪ قسم. صفت پلٽيل ، پلٽ ٿيل ڌاتو ، پگهريل ، ڳريل ڌاتو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal